ڪراچي (دلچسپ نيوز) يمن ۾ هڪ ٻارڙي کي لوهه جي تارن مان ٺاهيل هٿرادو چٻي عينڪ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ته نينگر لاءِ تحفن جا ڍير لڳي ويا. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب جنگ سبب متاثر هڪ يمني ٻارڙي محمد تارن مان هڪ عينڪ ٺاهي جنهن کي هن ميرن ڪپڙن سان چهري تي پهريو. اهڙي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. هڪ مقامي صحافي ۽ فوٽوگرافر عبيد الله الجرادي نينگر محمد جي تارن واري عينڪ سان تصوير ورتي ۽ ان کي آن لائن نيلامي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻار ۽ ان جي ڪٽنب لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ تحفا موڪليا ويا. هي عينڪ آن لائن ٻولي ۾ يمن ۾ سعودي عرب جي بارودي سرنگن جي خاتمي لاءِ جاري پروگرام مسام جي ڊائريڪٽر جنرل اسامه القصيبي 25 لک يمني ريال ۾ خريد ڪئي جيڪا چار هزار ڊالر کان وڌيڪ رقم ٿئي ٿي. رپورٽ موجب ٽٽل عينڪ ذريعي پنهنجي زندگي تبديل ڪندڙ ٻار پنهنجي ڪٽنب سان گڏ اوڀر يمن جي مارب گورنري ۾ هڪ ڪيمپ ۾ رهي ٿو.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…