تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

جاتي ۾ پوليو ورڪر جي قتل ڪيس جي نئين سر جاچ

جاتي(ن پ ا)جاتي ويجھو 44 ڏينھن اڳ سامونڊي پٽي جي سم نالي ۾ لوڙھي قتل ڪيل نوجوان پوليو ورڪر افضل جت جي وارثن ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن بعد ايس ايس پي سجاول نئين سر جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آھي، ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر طرفان گذريل ڏينهن مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪرڻ بعد قادر بخش خاصخيلي کي ڊي ايس پي جاتي مقرر ڪري سندس اڳواڻي ۾ پنج رڪني جاڇ ٽيم جوڙي وئي جنهن ۾ ايس ايڇ او جاتي گل محمد ڪاتيار، سي آءِ اي انچارج مشتاق احمد برھماڻي، آءِ ٽي حفيظ، ايس ايڇ او مريد کوسو غلام مصطفا سولنگي شامل آھن، ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ جاچ ٽيم ۾ اضافو ڪيو آهي ڪوشش آھي ته بيگناھ قتل ٿي ويل پوليو ورڪر افضل احمد جت جي قتل ۾ ملوث اصل قاتل سامھون اچن، هوڏانهن مقتول جي پيءُ فريادي احمد جت پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ايس ايس پي سجاول سهائي عزيز ٽالپر پاران ڊي آءِ جي جي نوٽيس تي اسان کي سٺي موٽ ڏيندي جلد قاتل ظاهر ڪري کين لاڪ اپ ڪرڻ جي پڪ ڏياري آهي.

Bookmark the permalink.