لاهور ( بيورو رپورٽ) نواز شريف کي اقامي جي بنياد تي نااهل قرار ڏئي ڪٺ پتلي کي عوام مٿان مڙهيو ويو، جج ارشد ملڪ جي موت کان اڳ انصاف جي موت جو جواب به ڏيڻو پوندو: احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي لاڏاڻي تي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو رد عمل، مريم نواز ٽوئٽ بيان ۾ چيو آهي ته نواز شريف کي ملڪي معيشت سڌارڻ جي سزا ڏني وئي.