تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

جوهي ۾ ٻن سالن جي نينگري کي پوليو جو شڪ ظاهر

جوھي(ن پ ا) ڪاڇي جي ڳوٺ ساوڙو ۾ ٻن سالن جي جميلان ڌيءُ مير محمد رودناڻي کي پوليو ھجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آھي، وارثن موجب ٻارڙي کي چار ڏينهن اڳ بخار ٿي پيو ڳوٺ جي بيسڪ هيلٿ يونٽ ساوڙو ۾ عملو موجود نه هجڻ ڪري ننڍڙي کي تعلقي جوهي جي پرائيوٽ ڪلينڪ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ويو، جتي ڊاڪٽر پاران ٻارڙي ۾ پوليو جو شڪ ظاهر ڪيو آهي ھنن اختيارين کان گھر ڪئي ته فوري نياڻي جا جزا وٺي ليبارٽري مان ٽيسٽ ڪرايا وڃن

Bookmark the permalink.