تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

جيڪب آباد جي جمس اسپتال سياسي بيٺڪ بڻجي وئي:پ پ يوٿ ونگ جي نون چونڊجي آيل عهديدارن جي گڏجاڻي،تقريرن دوران مريض پريشان

اسپتال اندر پ پ يوٿ ونگ جي نئين چونڊجي آيل عھديدارن جي تعريفي گڏجاڻي

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جمس اسپتال علاج گھر بدران سياسي پارٽين جو اکاڙو بڻجي وئي. جمس اسپتال کي پيپلز پارٽي اڳواڻن سياسي بيٺڪ بڻائي ڇڏيو. جمس ۾ پيپلز يوٿ ونگ جي نئين عھديدارن جي تعريفي گڏجاڻي دوران وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. پيپلزپارٽي يوٿ ونگ جي نئين چونڊجي آيل عھديدارن جي تعريفي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ عھديدارن کي اجرڪ اوڍايا ويا. جمس اسپتال اندر پيپلز يوٿ ونگ جي عھديدارن جي تقريرن دوران مريض سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. ايس آر اصغر سومرو موجب اسپتال ۾ پيپلز يوٿ ونگ جي عھديدارن جي گڏجاڻي بابت ڄاڻ ناهي. ڪيفي ٽيريا ٺيڪيدار بھادر مغيري موجب اسپتال اندر يوٿ ونگ جي عھديدارن جي تعريفي پارٽي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ نعرا ھڻڻ تي پابندي ھئي. اھڙي پروگرامن جي حوالي سان انتظاميا روڪيو ناهي اگر روڪيو ويو ته ٻيھر پروگرام نه ڪيا ويندا.

Bookmark the permalink.