
مبارڪپور ( ن پ ا) جيڪب آباد پوليس جِي شڪارپور جَي علائقي ميان صاحب ويجهو جرڳائي ڀوتارن جِي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي. ڪارروائي دوران 2 جوابدار عطا محمد شر ۽ وزير علي شر کي گرفتار ڪيو ويو. گذريل ڏينهن مبارڪپور ويجهو جان محمد شر جِي سرپئنچي ۾ ٿيل ڪارنهن معاملي جَي جرڳي دوران معصوم نينگري جو سڱ چٽي ۾ ڏيڻ جِي فتويٰ جاري ڪئي وئي هئي، ايس ايس پي جيڪب آباد پاران نوٽيس وٺڻ بعد 5 جرڳائي ڀوتارن جان محمد شر، عطا محمد، شبير احمد، عبدالمجيد ۽ محمد صلاح سميت 12 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.