جيڪب آباد (ن پ ا) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد سردار محمد مقيم خان کوسو روڊ تي قائم هڪ خانگي سينٽر تي ڳوٺ عبدالله لاشاري جو رهواسي معشوق ٽالاڻي پنهنجي ٻن ڏينهن جي پٽ کي علاج لاءِ کڻي آيو، جتي علاج دوران فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام مڙهيندي خانگي سينٽر اڳيان احتجاج ڪيو بعد ۾ نينگر جي لاش کي والد سٽي ٿاڻي تي آندو، جتي پوليس نينگر جي والد جي نالي تي ڊاڪٽر ۽ عملي خلاف ڪچي فرياد داخل ڪري نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال آندو جتي نينگر جي والد معشوق ٽالاڻي ٻڌايو ته ڊاڪٽر نينگر کي ڏسي وڏي ڊرپ چاڙهي جيترو ٻار جو وزن نه هو ڊاڪٽر ۽ عملي جي عدم دلچسپي سبب ٻارڙو تڙپي فوت ٿيو اسان پوليس کي خانگي ميڊيڪل جو اسٽاف ڏيکاريو آهي ڊاڪٽر پوليس کي ڏسي هليو ويو باقي ڊاڪٽر جي نالي جي ڄاڻ ناهي هوڏانهن نينگر جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو هو، خانگي ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٻار پيدائشي ڪمزور ھو وارثن ٻارڙو اسپتال ۾ داخل ڪرايو ته ان آڪسيجن ڏنو ويو عملي جي ڪابه غفلت ناهي، سٽي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
- سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم
مٺي (ن پ ا) سنڌ سرڪار ڪارونجهر جبل جي اهميت اجاڳر ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وڏي وزير جي منظوري بعد 7 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري ٿقافت جي…
- لاڙڪاڻي ۾ پوليس هٿان گرفتاري بعد گم ڪيل نينگري آزاد
لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي پوليس چوري جَي الزام ۾ گرفتاري بعد گم ڄاڻايل نينگري عطيه کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ٽائيم نيوز نينگري عطيه جو معاملو اٿاريو، جنهن بعد ايس ايس پي…
- آرمي چيف سان اسلام آباد ڪلب ۾ انتهائي خوشگوار ملاقات ٿي: ن ليگ اڳواڻ محمد زبير جو انڪشاف
سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ ن ليگ اڳواڻ محمد زبير انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان تازو ئي آچر واري ڏينهن اسلام آباد ڪلب ۾…