تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

جيڪب آباد ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري قتل جي ڊپ کان ٿاڻي تي پهتي

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ٻه سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ڀائرن جي قتل جي خوف وچان ٿاڻي تي پھتي، ڳوٺ نوازو جاگير واسي 20 ورھين جي ناري صائمه زال در محمد جکراڻي ڀائرن پاران قتل ڪرڻ جي خوف وچان مڙس جي گھران فرار ٿي سٽي ٿاڻي تي پھتي، پوليس جي وڏي نفري سخت سيڪيورٽي ۾ ٿاڻي تي پھتل ناري کي بڪتربند گاڏي ۾ کڻي فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڀائر مڙس کان ڇڏرائڻ چاھين پيا خوف ھو ته قتل ڪري ڇڏيندا جنهن ڪري گھران وجهه وٺي تحفظ لاءِ ٿاڻي تي پھتي آهيان دارالامان وڃڻ ٿي چاھيان. اھڙي بيان بعد عدالت پوليس کي ناري صائمه کي دارالامان پھچائڻ جو حڪم ڏنو سٽي پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتربند گاڏي تي ناري کي دارلامان اماڻي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سٽي پوليس موجب ته جکراڻي برادري جي سناني ۽ گلواڻي پاڙي ۾ خوني تڪرار ھلندڙ آهي ٿاڻي تي پھتل ناري جو تعلق انھن جي خاندان سان ھو ان لاءِ سخت سيڪيورٽي ۾ عورت کي دارلامان موڪليو ويو آهي.

Bookmark the permalink.