تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

جيڪب آباد ۾ چار ڏينهن اڳ ناري سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي جو انڪشاف:ناري ۽ سندس مڙس جي احتجاج بعد ڪيس داخل

جوابدار فرحان ڊومڪي ساٿين سميت گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو:ناري جو الزام

ناري جي فرياد تي واقعي جو ڪيس داخل ڪري اين سي داخل ڪئي آهي: پوليس

جيڪب آباد (رپورٽر) صدر ٿاڻي جي حد جان محمد ڪالوني واسڻ مسمات مير زادي جمالي مڙس الله بخش سميت احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته چار ڏينهن اڳ ٻن جوابدارن فرحان ڊومڪي پنهنجي ساٿي سان گڏ گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. ناري جي مڙس جو چوڻ هو ته هو پاڻي ڀرڻ لاءَ نڪري ويو ته ٻه جوابدار گهر ۾ گهڙي سندس گهر واري کي زيادتي جو نشانو بڻايو. هنن چيو ته جوابدار مٿان واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ ٿاڻي تي وياسين ته پوليس غريب ڏسي مدد نه ڪئي. هوڏانهن رابطي تي پوليس چيو ته زيادتي جو نشانو بڻيل ناري ميرزادي جي فرياد تي واقعي جي اين سي داخل ڪري جلد جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.