تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

30سالن کان وارا وٺندڙ اڄ گڏجي ويا آهن: وزيراعظم

سمورا ڪرپٽ ماڻهو اسٽيج تي بيهِي واويلا ڪري رهيا آهن، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا ڪرپٽ ماڻهو اسٽيج تي بيهِي واويلا ڪري رهيا آهن، هي پاڪستان لاءِ فيصلائتو وقت آهي، 30 سالن کان وارا وٺندڙ اڄ گڏجي ويا آهن، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، هنن کي خبر آهي ته آئون بليڪ ميل نه ٿيندس ۽ سڀني جو احتساب ضرور ٿيندو: وزيراعظم عمران خان اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو هُنن کي نظر اچي رهيو آهي ته چوري ۽ غداري تي به احتساب ٿي رهيو آهي، ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺندڙ مافيا سولائِي سان تبديلي آڻڻ ناهي ڏيندي، هن وقت مافيا ائين گڏ ٿي وئي آهي، جيئن هڪ اسپتال ۾ سڌار آڻڻ تي مافيا متحد ٿي ويندي آهي، مافيا کي جيل وڃڻو ئي پوندو، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نئون پاڪستان بَٽڻ دٻائڻ سان نه، پر جدوجهد ذريعي ايندو، قوم جِي ڊگهي جدوجهد جَي نتيجي ۾ ئِي تبديلي ايندي آهي، جيڪي ماڻهو کنگهه جَي علاج لاءِ به لنڊن وڃن، اُنهن کي پاڪستان جَي عوام جِي پرواهه ڇو هوندي؟…………..

Bookmark the permalink.