حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي شهر جي مک قبرستان ٽنڊو يوسف ۾ برساتي پاڻي بيهڻ جو ذميوار ايچ ايم سي کي قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ ڪمشنر ۽ مڪاني کاتي ڏانهن اماڻي وئي. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ برساتن کانپوءِ شهر جي مک قبرستانن ۾ ڪيترائي ڏينهن برساتي پاڻي بيٺل هئڻ سبب قبرون مسمار ٿيون جڏهن ته شهري پنهنجي پيارن جي تدفين لاءِ تمام گهڻو پريشان رهيا. ضلعي انتظاميا ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ برساتي پاڻي بيهڻ کانپوءِ پلاننگ کاتي کي قبرستان جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي هڪ ٽيم ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي قبرستان جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتي ۽ قبرساتن جي چئني پاسن کان توڙي قبرستان اندر بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قائم سيوريج نظام توڙي نالين جو به تفصيلي جائزو ورتو. ٽيم پاران قبرستان جو جائزو وٺڻ کانپوءِ هڪ رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر حيدرآباد ۽ بلدياتي ادارن ڏانهن اماڻي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قبرستان کي ٻوڙڻ ۾ ايچ ايم سي ڪا به ڪسر نه ڇڏي، جنهن ڪري اڃا تائين قبرستان ۾ برساتي پاڻي موجود آهي. ٽيم موجب ته قبرستان جي چوڌاري برساتي نالن جي صفائي جو ذمو به ايچ ايم سي وٽ هو جڏهن ته ڀڳل ٽٽل نالن جي تعمير ۽ مرمت ڪرائڻ جا اختيار به ايچ ايم سي وٽ آهن پر ايچ ايم سي ۽ عملي سيوريج نالن جي صفائي نه ڪرائي ۽ نه ئي انهن ڀڳل ٽٽل نالا ٻيهر تعمير ڪرايا جنهن ڪري برساتي پاڻي جي ڇوڙ وارن هنڌن تي نالا بلاڪ ٿي ويا ۽ نتيجي ۾ برساتي پاڻي ٻاهر نيڪال ٿيڻ بدران قبرستان ۾ بيٺل رهيو ان ڪري قبرستان ٻڏڻ جي ذميوار ايچ ايم سي آهي. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته برساتي نالن مٿان غيرقانوني حددخليون قائم ٿيل آهن جن خلاف به اڃا تائين ايچ ايم سي پاران ڪارروائي لاءِ ڪنهن کاتي کي ناهي لکيو ويو جڏهن ته برساتي پاڻي بيهڻ سبب شهري تڪليفن جو شڪار ٿيا ۽ انهن جو جلد ازالو به نه ٿي سگهيو. پنهنجي اخبار ڄاڻايل رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل رپورٽ تي ضلعي انتظاميا مڪاني کاتي کي ڪارروائي لاءِ سفارش ڪندي.
- شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل
ڪراچي (بيورو رپورٽ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، بختاور ڀٽو جِي شادي تقريبن جو…
- مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽر) مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته…
- اسان ڄاڻون ٿا ته غير جمهوري قوتن کي ڪيئن سياست مان ڪڍڻو آهي: بلاول
لاڙڪاڻو (رپورٽر نادر ابڙو) حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقو بَي اعتمادي وارِي رٿ آهي، پنهنجن اتحادين کي اُن آپشن تي مڃائينداسين: پ پ چيئرمين بلاول…