تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

حيدرآباد: مڙس جو زال تي تشدد، ڇت تان اڇلائي مارڻ جي ڪوشش

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ظالم مڙس جو زال تي وحشياڻو تشدد، ٻه ماڙ گهر تان هيٺ اڇلائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش، عورت جي حالت خراب ٿي وئي، متاثر عورت پاران انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ آپگهات جو چتاءُ. رپورٽ موجب لياقت ڪالوني جي رهواسڻ 3 مهينا اڳ شادي ڪندڙ ناري 22 سالن جي شمع وارثن سان گڏ دانهيندي ٻڌايو ته سندس مڙس شان يوسفزئي بيمار پيءُ جي عيادت ڪرڻ لاءِ مائٽن جي گهر وڃڻ جي اجازت گهرڻ تان وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته مڙس ٻه ماڙ گهر مان هيٺ اڇلائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. متاثر ناري موجب والدين واقعي جو اطلاع ملڻ تي گهر پهچي ويا، جن مرڻينگ حالت ۾ کيس سخي پير ٿاڻي تي پهچايو، جتي سندس والد محمد رفيق پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي ته سندس مڙس ۽ ساهرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي پر سندس ساهرا بااثر هئڻ سبب پوليس کي مبينا طور رشوت ڏيئي ڪاروائي کان بچي ويا. متاثر عورت موجب ته پوليس کين انصاف ڏيارڻ جو يقين ڏياريو پر بعد ۾ رڳو آسرو ڏئي کين گهر روانو ڪري ڇڏيو. ناري ۽ سندس وارثن مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ان موقعي تي ناري چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هوءَ انتهائي قدم کڻي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندي.

Bookmark the permalink.