تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي،پر مريم نواز جي ضمانت رد ٿيڻ بعد جيل ويندي: فردوس عاشق اعواڻ جو اپوزيشن کي پيغام

صوبي ۾ جلسن جي اجازت ناهي،غير قانوني ڪم تي قانوني ڪارروائي ٿيندي: عثمان بزدار

لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو: ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله

لاهور ( بيورو رپورٽ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزداري جي ترجمان فردوس عاشق اعواڻ اپوزيشن کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڪيڏانهن نه پئي وڃي،پر مريم نواز ضمانت رد ٿيڻ بعد جيل ويندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ جلسن جي اجازت ناهي،غير قانوني ڪم تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو ته لاهور ۾ 13 ڊسمبر تي پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو.

Bookmark the permalink.