تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

خيرپور ۾ صفائي نظام ۾ بهتري نه آئي، اڪثر پاڙن ۾ گندگي، نالين جو پاڻي بيٺل

اوستو گاهي، غريب آباد، شهيد آباد، بابو شاهه محمد ڪالوني، مل ڪالوني گندگيءَ جي ور چڙهيل

مصطفيٰ ڪالوني،عريشه ڪالوني،الهه آبادڪالوني،سائده ڳوٺ۾پاڻي تلائن جي صورت۾بيهجي ويو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پنجهٽي، ڏٻر، اوستو گاهي، غريب آباد، شهيد آباد، ٻٽڙو، بابو شاهه محمد ڪالوني، مل ڪالوني، مصطفيٰ ڪالوني، عريشه ڪالوني، خانڻ شاهه ڪالوني، الهه آباد ڪالوني، سائده ڳوٺ، ڳاڙهي پل، خاڪي شاهه پل ميونسپل انتظاميه جي نااهلي سبب گندگيءَ جي ور چڙهي ويا آهن، علائقن ۾ گند ڪچري جا ڍير لڳي وڃڻ ۽ گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ رستن تي بيهڻ ڪري رهواسي شديد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. شهرين عبدالرحمان شيخ، نظير احمد سومرو، مستري ارباب سومرو، حاجن شيخ، عبداللطيف شيخ، سراج احمد سومرو، اسد شيخ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي خطرناڪ بيماري ڪورونا وائرس سبب سخت پريشان آهيون ته ٻئي طرف گندگي ۽ گندي پاڻيءَ اسان کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، چار سال کان ميونسپل انتظاميه کي دانهون ڪري ڪري ٿَڪي پيا آهيون ته صفائي واري نظام کي بهتر بڻايو وڃي پر اسان جي انهن دانهن جو ڪوبه ازالو نه ٿيو آهي. هنن چيو ته چار سال اڳ امجد شاهه جي چيئرمين طور مقرريءَ کان پوءِ ميونسپل ڪاميٽيءَ جو سمورو نظام تباهه ٿي ويو آهي، امجد شاهه آفيس کي ٽائيم ڏيڻ بدران ڪراچي ۾ رهڻ ڪري ميونسپل ڪاميٽي جا ڪجهه آفيسر انتظام سنڀالي رهيا آهن جن جي بي ڌياني جي ڪري خيرپور شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. هنن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي خيرپور شهر جي صفائي سٿرائي جي حوالي سان جوڳا قدم کنيا وڃن.

Bookmark the permalink.