تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

خيرپور ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ تي محبت واهه ۾ نينگر ٻڏي فوت، ميرپورٻرڙو ۾ نينگر واهه ۾ ٻڏي فوت

خيرپور ( رپورٽر) شاهه لطيف يونيورسٽي ڀرسان موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ محبت واھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل 4 ورهين جو نينگر قيوم پٽ ڪريم بخش نندواڻي جو لاش حيسن آباد ڀرسان هٿ ڪيو ويو. محبت واهه ۾ نينگر جو لاش لڙهندو ڏسي مقامي ماڻهن ٻاهر ڪڍي ورتو، وارثن نينگر جي سڃاڻپ ڪري ورتي.ميرپورٻرڙو جي ڳوٺ مرزا واهه ۾ گم ٿيل 8 ورهين جي نينگر ياسر ٻرڙو جو لاش پاڻي جي واهه مان هٿ ڪيو ويو.نيگر جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.