
دادو (ن پ ا) دادو پوليس ۽ اسپتال انتظاميا نوجوان جاويد پهوڙ جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي عدالتي حڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، نوجوان جي وارثن ۽ ڊاڪٽرز جرڳي دوران مامرو لئه مٽي، ذريعن جو چوڻ آهي ته بااثر شخصيت جي ٽياڪڙي سان ٿيل جرڳي ۾ مريض جي فوت ٿيڻ جو ذميوار ڊاڪٽر نياز چنو قرار، ڊاڪٽر آصف رضا ملڪاڻي ۽ عتيق الرحمان جانوري کي آجو قرار ڏنو ويو، جرڳي ۾ ذميوار ڊاڪٽر نياز چنو مٿان 10 لک رُپيا ڏنڊ مقرر، دادو جي عدالت اسپتال ۾ لاپرواهي سبب نوجوان جاويد پهوڙ جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس ڊاڪٽرز خلاف داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.