تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

دادو ڀرسان 5 مهينا اڳ مبينا قتل ٿيل جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ فوٽو چانڊيو ۾ زمين جي تڪرار تان 5 مهينا اڳ مبينا قتل ٿيل غلام شبير چانڊيو جي پوسٽ مارٽم لاءِ سول جج محمد اشرف ڏهراج جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري ميڊيڪل بورڊ پاران جزا ورتا ويا، مقتول غلام شبير چانڊيو جي ڀاءُ سڄڻ چانڊيو ٻڌايو ته سندس ڀاءُ کي زمين جي تڪرار تان 5 مهينا اڳ ڪوڏر جا وار ڪري قتل ڪيو ويو هو، جهلو پوليس پاران واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ سبب لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنايو ويو هو، هن ٻڌايو ته عدالت ۾ 22 اي بي تحت درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تحرت قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو ويو. ٻئي پاسي ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ هو ته جزا ڪراچي ليبارٽري موڪليا ويندا، جتان رپورٽ اچڻ بعد واضح ٿيندو ته همراهه جو موت ڪئين واقع ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.