
داد لغاري )ن پ ا) داد لغاري ويجهو 2 نوجوان 4 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، ڳوٺ شير محمد پتافي واسي نوجوان اقبال ۽ سندس ڀائيٽو فهيم پتافي دوست سان ملڻ ويا ته واپس نه موٽيا، نوجوانن جي وارثن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.