
رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو پريس ڪلب جي آڳر تي “پنهنجي ايڪتا – پنهنجي ثقافت ” جي عنوان سان مچ ڪچھري ۽ راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاعرن ساقي ابڙو ۽ ملھار سنڌي پنھنجا نڪور قومي شعر پڙھي خوب داد حاصل ڪيو، جڏھن ته مشھور فنڪاره شبانه سورٺ ۽ نينا ماروي قومي گيت ڳائي ماحول کي مھڪائي ڇڏيو. تقريب ۾ آصف خان جلباڻي، عابد حسين شاهه، صوبدار جلباڻي، عبدالقيوم مھيسر، صدرالدين عمراڻي، مومن سمون، ديشي ميراڻي، روشن جويو سميت وڏي انگ ۾ مانهن شڙڪت ڪئي. هنن چيو ته ثقافتي ڏينهن جي باني ۽ پنهنجي اخبار جي باني علي قاضي طرفان اعلانيل “پنهنجو ايڪتا ڏهاڙو” هن سال به قومي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو.