تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

رياست جي عمارت جو بُنياد شروع کان ئي ٽَيڙو رکيو ويو، بُنياد ئي غلط هجي ته عمارت ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿي: بي اين پي سربراهه اختر مينگل

آزاد بلوچستان جو نعرو لڳائڻ جو ذڪر پيو ٿئي، شڪر آهي بلوچ تي اهو الزام نه لڳو: اختر مينگل

ڪوئيٽا جلسي ۾ آزاد بلوچستان واري ڳالهه شاهه احمد نوراني جي پٽ شاهه اويس ڪئي: مينگل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته رياست جي عمارت جو بُنياد شروع کان ئي ٽَيڙو رکيو ويو، بُنياد ئي غلط هجي ته عمارت ڪيئن صحيح ٿي سگهي ٿي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو ته آزاد بلوچستان جو نعرو لڳائڻ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي ، شڪر آهي ڪنهن بلوچ تي اهو الزام نه لڳو، جيڪڏهن ڪنهن بلوچ تي الزام لڳي ها ته هن وقت تائين ان کي ڦاسي تي چاڙهيو وڃي ها. اختر مينگل چيو ته ڪوئيٽا جلسي ۾ آزاد بلوچستان واري ڳالهه شاهه احمد نوراني جي پٽ شاهه اويس نوراني ڪئي، هي اهو شاهه احمد نوراني آهي جنهن آئين ٺاهن ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. پي ڊي ايم بابت ڳالهائيندي بي اين پي سربراهه چيو ته ، اندازو نه هو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ايترو ڇانئجي ويندي، ايوان ۾ ماحول ڏسي اندازو ٿيو ته پي ڊي ايم تحريڪ جو اثر پيو آهي. هن چيو ته اڄ غداري جون ڳالهيون ڪرڻ وارا ٻڌائن ته حريبار مري جي بي گناهي جي شاهدي عمران خان لنڊن ۾ نه ڏني هئي، 2009 ۾ عمران خان لنڊن جي عدالت ۾ حريبار مري جي حق ۾ شاهدي ڏني هئي، جيڪڏهن حريبار مري کي سزا ملي سگهي ٿي ته پوءِ عمران خان کي ڇو نه . بي اين پي سربراهه چيو ته محمود خان اچڪزئي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، جلسي ۾ ڪنهن به پاڪستان ٽوڙڻ ۽ اردو ٻولي جي حوالي سان غلط ڳالهه نه ڪئي آهي.اختر مينگل چيو ته ايوان جي ماحول جي سبب جبري گمشدگين وارو نٿو آڻي سگهجي. هن چيو ته آرٽيڪل 6 آئين جي حفاظت ڪري ٿو، مراد سعيد اوهان آرٽيڪل 6 جي ڀڇڪڙي خلاف ٺهراءُ آڻيو، سويلين، ملٽري يا جوڊيشري مان ڪير آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان کي ڦاسي جي سزا ڏني وڃي، هوُ ٺهراءَ ۾ اوهان کي ووٽ ڏيندو.

Bookmark the permalink.