
ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا سارا خان ڪجهه سالن ۾ ماڻهن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي ۽ سندس ڊراما مقبول ٿيا آهن جڏهن ته هيل تائين هن فلمي دنيا جو رخ نه ڪيو آهي ۽ ان جو سبب به پهريون ڀيرو هن هڪ انٽرويو ۾ بيان ڪيو آهي. ڪجهه وقت اڳ بول نائيٽس ود احسن خان ۾ سارا خان انهن اصولن تي ڳالهايو جيڪي انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ ڪم دوران اختيار ڪيا وڃن ٿا. ميزبان طرفان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته کيس ڪجهه آڇون ٿيون آهن پر هو مختصر لباس پهرڻ ۽ قربت جا منظر عڪسبند ڪرائڻ نٿي چاهي، اهي منظر فلمن جي پهرين گهرج هوندا آهن. اصل ۾ هو ٽي وي ڊرامن ۾ به ڪو اعتراض جوڳو ڪردار، اڻ وڻندڙ ڪپڙا ۽ ٻين کان پري رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. خيال رهي ته سارا خان ۽ اداڪار آغا علي ڪجهه وقت اڳ تائين هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ سندن شادي جو به ارادو هو. سارا خان پنهنجي انٽرويو ۾ آئٽم سانگز خلاف به ڳالهايو جڏهن ته اهو به چيو ته هو ڪڏهن به بولڊ لباس نه پهرينديس. هوڏانهن هڪ سال اڳ ٻئي انٽرويو م سارا خان جو چوڻ هو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي ڪنهن قسم جي جدوجهد کي منهن نه ڏيڻو پيو. مان جيئن ئي انڊسٽري جو حصو بنيس مون کي پهريون پراجيڪٽ ملي ويو. هن ٻڌايو ته شروع ۾ ڪجهه ڏکيائين کي منهن ڏنو، مان پنهنجي ڊائريڪٽر کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي، ڇو ته مان ڊنل هيس ۽ ميڪ اپ روم ۾ اڪيلي هيس، مان ٻاهر آيس ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ڊائريڪٽر کي چماٽ وهائي ڪڍي ته جيئن هڪ ڏسي سگهي مان کيس ٻه ڀيرا چماٽ هنئي. اداڪارا چيو ته هو مون کي پاڻ هڪ فلم تي وٺي وڃڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو جنهن تي مان انڪار ڪيو پر هو زور ڀري رهيو هو ۽ منهنجو هٿ پڪڙي ورتو ته مان کيس چماٽ وهائي ڪڍي.