تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي غيرقانوني قرار

ميهڙ ۾ بند ڪمري ۾ ٿيل ملاقاتن کانپوءِ اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪيون ويون: سردار چانڊيو

قمبر (ن پ ا) پيپلز پارٽي قمبر ۽ گڙتل واري علائقي ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو جي گهرن تي پوليس جي چڙهائي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، پوليس خلاف عدالت سان رابطو ڪرڻ ۽ احتجاجن جو اشارو، پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته سرچ وارنٽ بنا ايم پي اي جي گهر تي چڙهائي تذليل ڪرڻ برابر آهي، پوليس کي استعمال ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا، پوليس وٽ سردار چانڊيو جي گهر ۾ جوابدارن جي موجودگيءَ جا ڪي به اطلاع نه هئا، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته ميهڙ ۾ بند ڪمري ۾ ٿيل ملاقاتن کانپوءِ اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪيون ويون، اسان جي حمايت ۾ احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فهرست تيار ڪئي وئي آهي، چڱن مڙسن سوڌو ٻين حامين جي گهرن تي به چڙهايون ڪيون ويون آهن.

Bookmark the permalink.