تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

سمنڊ مان خط ملڻ تي ٻه اڻ ڄاڻ ناريون ساهيڙيون بڻجي ويون!

فلوريڊا (دلچسپ نيوز) ڪبوترن ذريعي ميل پري پيغام پهچائڻ جو طريقو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ان جي جاءِ تي پوسٽل سروس ۽ انٽرنيٽ ورتي آهي پر تازو سمنڊ ذريعي پيغام پهچائڻ سان ٻه اڻ ڄاڻ نارين وچ ۾ دوستي ٿي وئي آهي جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا آهن. دوستي ۽ محبت ۾ سمنڊ پار ڪرڻ جي دعويٰ ڊرامن ۽ فلمن ۾ نظر ايندي آهي. هڪ ٻئي لاءِ اڻ ڄاڻ 2 ناريون سمنڊ ذريعي گهاٽيون ساهيڙيون بڻجي ويون. فلوريڊا جي رهواسڻ صوفيا ولسن ڪووڊ لاڪ ڊائون دوران پنهنجي گهرڀاتين سان سمنڊ ڪناري وئي. سارا موجوده صورتحال تي پنهنجي دلي جذبن جو اظهار هڪ صفحي تي لکيو ۽ ان کي بوتل ۾ وجهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو. بوتل ۾ موجود پيغام سمنڊ جي لهرن تي ٻن هفتن تان لڙهندو رهيو ۽ 700 ميل پري پڪنڪ ملهائڻ لاءِ آيل هڪ ٻي فيملي تائين پهتو جتي اتفاق سان 11 ورهين جي ناري سارا والٽر ان بوتل کي کوليو ۽ پيغام پڙهيو جنهن تي سارا ولسن جي اي ميل ايڊريس لکيل هئي. سارا جي ڏنل اي ميل ايڊريش تي ٻنهي جو رابطو ٿيو. ۽ پوءِ ٻنهي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ دوستي ٿي وئي ۽ هاڻي هڪ ٻئي سان ملاقات جا سانباها ڪري رهيون آهن.

Bookmark the permalink.