حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي عهديدارن ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين جو هنگامي اجلاس سنڌ سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي خزانچي پريم پتافي، مرڪزي آڊيٽر بخشل باغي، مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي ۽ مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين امين مگسي ڪراچي، رمضان ميمڻ ٺٽو، سجاد راشدي سانگهڙ، ستار سندر نواب شاھ، سليم چنا حيدرآباد، امر کهاوڙ گهوٽڪي، رجب آزاد دادو، شير محمد هاليپوٽو ميرپور خاص، ياسر منگي لاڙڪاڻو، نفيس سومرو جيڪب آباد ۽ غلام رسول غرق ڄامشورو شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سيد زين شاھ جي چئيرمين شپ هيٺ سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ واري فصيلي تي بحث ڪندي گڏيل موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ جي معزز علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي جي نوجوان سياستدان سيد زين شاھ جي سربراهي هيٺ ڳوٺ مجيد ڪيرئي ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي هڪ ڪرڻ“ واري فيصلي جو احترام ڪندي ۽ سندس نيڪ نيت ڪوششن جي آجيان ڪندي مرڪزي عهديدار ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري واضح ڪريون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت جو وجود اسان وٽ وڌيڪ اوليت رکي ٿو ۽ سنڌي ادبي سنگت هڪ آھي ۽ هڪ رهندي. سيد زين شاھ جي پريس بريفنگ جي روشني ۾ سنڌي ادبي سنگت کي هڪ ڪرڻ واري فيصلي تي غور ڪرڻ، ۽ ان تي حتمي راءِ ۽ ان جي منظوري جو اختيار 5 مئي 2019 تي حيدرآباد ۾ سڏايل سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس کي ڏنو ويو. اجلاس ۾ مرڪزي عهديدارن ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين گڏيل طور سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي جي قيادت تي ڀرپور اعتماد ڪندي سندس هڪ سنڌ هڪ سنڌي ادبي سنگت واري سوچ جي ڀرپور حمايت ڪئي.
- مورو ۾ گٽر اٿلي پيا، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ، انتظاميا ننڊ ستل
مورو (ن پ ا) مورو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي ء مين ڊسپوزل مشينون نه ھلائڻ سبب بخاري محلا، ملاح چوڪ سميت ٻين پاڙن جا گٽر…
- بدين ضلعي ۾40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تي قبضا برقرار، پيادل گذرڻ به محال
ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ڪوٽڙي بئراج جي ٻن مک ڪئنالن اڪرم واھ ۽ نيو ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ 40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تان ڪورٽ جي حڪم باوجود قبضا…
- موسمي تبديلي سبب سيارو ڊسمبر بدران جنوري ۾ اچي ٿو: آبادگار بورڊ
مٽياري: آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نديم شاهه ٻڌايو ته موسمي تبديلي سبب سياري جي موسم ۾ ڊسمبر بدران جنوري ۽ فيبروي ۾ اچي ٿي، ڪڻڪ جي پچڻ جي…