تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ۾اتحادين کي اعتراض:آءِجي لاءِسنڌسرڪار کان نوان نالا طلب

آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سرڪار سنڌ ۾ اتحادين جي اعتراض تي آءِ جي سنڌ ڪليم امام جي تبديليءَ وارو مامرو ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج ڪري ڇڏيو. فردوس اعواڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب ڪري چيو آهي ته اهڙو نالو ڏنو وڃي، جنهن جي تي اتفاق هجي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي مُکيه ايجنڊائن ۾ جي سنڌ جي تبديليءَ وارو مامرو به شامل هو، پر اڄ ٿيل اجلاس ۾ اُن کي ايجنڊا مان خارجڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ سُڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ پريس بريفنگ ڪئي. اُن موقعي تي فردوس ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ جي مقرريءَ وارو واري مامري کي ملتوي ڪيو ويو آهي.
هُن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ۾ ميمبرز اِن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آءِ جي مقرريءَ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان تجويز ڪيل نالن تي سنڌ سان واسطو رکندڙ اتحادين کي اعتراض آهن، تنهن ڪري اُن مامري کي ايجنڊا مان خارج ڪيو وڃي. وزيراعظم جي خصوصي معاون جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار کان آءِ جي سنڌ لاءِ نوان نالا طلب ڪيا ويا آهن ۽ چيو آهي ته نئين آءِ جي لاءِ اهڙو نالو تجويز ڪيو وڃي، جنهن تي اتفاق هجي. آءِ جي مقرريءَ بابت وڏي وزير سان صلاح مشورن لاءِ گورنر عمران اسماعيل کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

Bookmark the permalink.