تازا ترين
  • *کپرو ويجهو اڻڄاتل جوابدارن جي حملي ۾ زخمي ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *راجا پٽ ڏيويو ڪولهي جي وارثن عورتن سميت ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو،جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو *
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

سنڌ جو ثقافت کاتو، ايڪتا ڏهاڙي تي نه پاڻ پروگرام ڪرڻو آهي نه ٻين کي ڪرڻ ڏيڻو آهي واري موقف تي قائم

ثقافت کاتو حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ايڪتا تقريب جي اجازت ڏيڻ بعد ڦري ويو

ٽائيم نيوز پاران ثقافت کاتي کان مهينو اڳ اجازت ورتي هئي، هاڻ اجازت نامو رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ثقافت کاتو، ايڪتا ڏهاڙي تي نه پاڻ پروگرام ڪرڻو آهي نه ٻين کي ڪرڻ ڏيڻو آهي واري موقف تي قائم، ثقافت کاتو ٽائيم نيوز کي 6 ڊسمبر تي حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم ۾ ايڪتا تقريب جي اجازت ڏيڻ بعد ڦري ويو، ٽائيم نيوز پاران ثقافت کاتي کان هڪ مهينو اڳ اجازت ورتي هئي، اڄ اوچتو اجازت نامو رد ڪيو ويو، سنڌ ميوزيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير سردار شاهه جي هدايتن تي اجازت نامو رد ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.