تازا ترين
  • *ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ جي اڳواڻي ۾ خان محمد سبزوئي سميت ڪچي جي مختلف ڳوٺن ۾ سرچ آپريشن *علي خان جعفري جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران ڏوهارين جا ڪيترائي ٺڪاڻا ڊاهي پٽ ڪيا ويا: پوليس*
  • *ڪوئٽا: بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ شديد ٿڌ: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ پارو 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي: موسميات کاتو *ڪوئٽا ۾ وڌ کان وڌ پارو 7 سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو*

سنڌ جو ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو 87 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپور ( رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ دانشور سائين عطا محمد ڀنڀرو 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سائين عطا محمد سنڌ جي تاريخ تي ٽي سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا.سائين عطا محمد پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀرو تعلقو سوڀوديرو ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ ۾ پرائي جنهن بعد انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا اي وي اسڪول هڱورجا مان پاس ڪيائين. مئٽرڪ ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. عطا محمد ايل ايل بي جي تعليم ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. ناليواري ڏاهي عطا محمد وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان به 1970ع ڌاري ڇهه مهينا وڪالت ڪئي. هن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو ترجمون پڻ ڪيوعطا محمد ڀنڀرو جي جنازي سڀاڻي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.