
ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احساس ڪفالت سينٽرز جي انتظاميا جي نااهلي سبب مستحق عورتون دربدر ٿي ويون. قاضي احمد، دوڙ، ڀريا سٽي ۽ ٻين شهرن ۾ مستحق عورتون ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ بعد خالي واپس روانيون. غريب عورتن طرفان مافيا ايجنٽ جي ڦرلٽ خلاف به دانهون ڪيون ويون. لاڙڪاڻو جي پي وي سي اسڪول ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي دروان ايجنٽس سوڌو 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري رقمون ڏيڻ واريون مشينز تحويل ۾ ورتو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته مستحق عورتن طرفان ڪٽوتي جي شڪايتن تي ايجنٽس خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.