
ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ عورت ۽ ٻارڙن سميت 14ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪراچي جي ڄام صادق پل وٽ خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، سامارو ڀرسان ڪار مٺڙائو ڪئنال ۾ ڪرڻ سبب عمرڪوٽ واسي عورت ۽ ٻار سوڌو 3 ڄڻا فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي جي فوتين ۾ نوجوان گلجي ميگهواڙ، عورت پاروتي ۽ ابهم ٻارڙو شامل آهن. ڪشمور ڀرسان سارين سان ڀريل ٽرالر، ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ بعد ٽن گاڏين مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سوڌو 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. فوتين ۾ عورت راڻي بگٽي، ٻارڙو امين بگٽي ۽ نوجوان اڪبر لنجواڻي شامل آهن. سکر ۾ ٽرين جي ٽڪر سبب نينگر رفيق چنو چيڀاٽجي فوت، ٽنڊو باگو ڀرسان وين پورهيت ولي محمد هاليپوٽو کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو محمد خان روڊ تي نينگر ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو. ڪنب ۾ گذريل ڏينهن روڊ حادثي جي زخمي ناري ڀاڳل اڄڻ دم ڏئي ڇڏيو.