سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ڏنل ٽالپر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 11 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ طرفان ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي ٻن ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻيءَ دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٽائون ڪاميٽي ڪوٽڏيجي جي ٻن ملازمن پاران چئن مهينن جو پگهارون نه ملڻ خلاف سنڌهاءِ ڪورٽ سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس شمس الدين عباسي ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽائون ڪاميٽي چئرمين پيش ڇو ناهي ٿيو، پيش نه ٿيڻ تي پهريان به شوڪاز ڏنو پوءِ به پيش ناهي ٿيو ڇا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ اوهان کيس نوٽيس بابت ٻڌايو هو.؟ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سکر شفيع محمد چانڊيو چيو ته عدالتي حڪم بابت ٽائون ڪاميٽي چئرمين مير ڏنل ٽالپر کي نوٽيس بابت آگاهه ڪيو هو. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته مير ڏنل ٽالپر کي گرفتار ڪري 11 جون تي پيش ڪيو وڃي.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…