تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻيءَ کي مبينا هراسان ڪرڻ خلاف احتجاج: ڊرائيور خلاف ڪارروائي ۽ ڊائريڪٽر ٽرانسپورٽ کي هٽائڻ جو مطالبو

شاگرد تنظيمن جي سڏ تي آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين ريلي بعد مظاهرو

بااثر ٽرانسپورٽر شاگردن ۽ شاگردياڻين جي زندگيءَ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي: شاگرد

ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي کي پوائنٽ بس ۾ مبينا هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري واقعي خلاف شاگرد تنظيمن طرفان مظاهرو ڪيو ويو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽ اينڊ ڊزائين ڪميونيڪيشن شعبي جي شاگردياڻي اقراء شيخ کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري واقعي خلاف شاگرد تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو آهي. شاگردن آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين ريلي ڪڍڻ بعد مظاهرو ڪيو ۽ شاگردياڻي سان انصاف جو مطالبو ڪيو.
شاگردن احتجاج دوران چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردياڻيون غير محفوظ بڻيل آهن، پر انتظاميا ۽ سرڪار خاموش تماشائي بڻيل آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو ٺيڪو ڊگهي عرصي کان هڪ بااثر نديم آرائين کي مليل آهي، جنهن خراب گاڏيون روٽ تي هلائي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن مظاهري دوران مطالبو ڪيو آهي ته پوائنٽ بس ۾ شاگردياڻي کي هراسان ڪندڙ ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري سزا ڏني وڃي ۽ ٽرانسپورٽ شعبي جي ڊائريڪٽر رحمت الله شر کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.