تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ ۾ وري ڌاڙيل گردي: 4 مهينن ۾ 83 ڄڻا اغوا ٿي چڪا، 8 ڪروڙ 83 لک رپيا ڀنگ وصول

فون ذريعي ماڻهن کي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي، اغوا ٿيل نوجوانن جو پتو نه پيو

ڌاڙيل عورتن کي نمبر ڏئي ماڻهن کي ڦاسائڻ جو ٽاسڪ ڏين ٿا، عورتون تصديق لاءِ ماڻهن کي واٽس ايپ تي وڊيوز ڪال ڪن ٿيون

چڪ(اسپيشل رپورٽ:آزاد انور مهر) سنڌ ۾ عورتاڻي آواز تي هرکجڻ توڙي ڀنگ لاءِ اغوائن جي ٻين طريقن سان ٿيندڙ وارداتن ۾ خوفناڪ اضافو ٿي ويو آهي، سنڌ پوليس جي عدم دلچسپيءَ سبب شڪارپور، گهوٽڪي، ڪشمور ضلعن جي ڪچي وارا علائقا ڳڙهي تيغو، مڇي ٻنڊو، راونتي ۽ شاهه ٻيلي وارا علائقا اغوا وارداتن جي مرڪز طور مشهور آهن، گذريل سال ڳڙهي تيغو ۽ شاهه ٻيلي، ڪشمور ۽ گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ شروع ڪيل آپريشن پوليس آفيسرن جي شهادت ۽ ڪچي اندر پاڻيءَ ۾ چاڙهه سبب عارضي طور بند ڪيو ويو هو، هلندڙ سال 2020ع جي چئن مهينن دوران سڄي سنڌ مان 83 ماڻهو اغوا ٿيا، جن جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 8 ڪروڙ 83 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو جنهن مان مغوين جي وڏي اڪثريت ڪروڙين رپيا ڀنگ ڀري جڏهن ته ڪجهه مغوي راڄوڻي ڪوششن ذريعي آزاد ٿيا. عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا وارن واقعن ۾ تيزي آئي آهي، پوليس چئن مهينن دوران عورتاڻي آواز تي هرکجي پهتل 36 عاشقن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو، ڌاڙيل جديد ٽيڪنالاجيءَ جو فائدو وٺندي ڪال ٽريسنگ جي تڪڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڀنگ جي پئسن جي ڏيتي ليتي به واٽس ايپ ذريعي ڪن ٿا، مهانگين موبائيل فونن جا مڪمل انگلش ايپ کي مهارت سان استعال ڪندي وائيس چينجر ذريعي ماڻهن سان رابطا ڪن ٿا ، ڌاڙيلن جي ڪجهه ٽولن پاران ماهوار پگهار تي عورتون رکيل آهن جن کي نمبرن جي لسٽ ڏئي ماڻهن کي ڦاسائڻ جو ٽاسڪ ڏنو وڃي ٿو، اغوا بعد مليل ڀنگ جو 10 سيڪڙو رقم عورتن ڏانهن ايزي پئسا ذريعي پڻ موڪلڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن. ٻين صوبن جون عورتون به ڌاڙيلن جون ساٿاري بڻيل آهن، 1990 کان 2000 واري ڏهاڪي ۾ بدنام ڌاڙيل شهرن توڙي نيشنل هاءِ ويز تي اچي ماڻهو اغوا ڪرڻ سان گڏ ڦر جون وارداتون به ڪندا هئا اڪثر وڏن ۽ ناليوارن ڌاڙيلن جي مارجڻ بعد سرعام ڏوهي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي جنهن کان پوءِ ڌاڙيلن نه صرف سنڌ اغوائن جي وارداتن ۾ تبديلي آندي پر اغوا کان ويندي ڀنگ جي ڊيل توڙي ماڻهو ڇڏڻ وارا طريقا به تبديل ڪيا. تازو واقعن ۾ ڏوهاري ماڻهو هڪ ضلعي مان اغوا ڪن ٿا نشاندهي طور گاڏي ٻي ضلعي ۾ ڇڏين ٿا جڏهن ته ڀنگ جي ڏيتي ليتي واري رقم ڪنهن ٽئين ضلعن ۾ طئي ڪن ٿا جنهن ڪري پوليس پارٽي کيس ڏوهارين جي لوڪيشن ٽريس ڪرڻ ۾ گهڻيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. ڳڙهي تيغو کان شاهه ٻيلي تائين ڌاڙيل ڪامياب ڪارروائين تي جشن وارا ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز به ٺاهين ٿا، ڳرن خطرناڪ هٿيارن جي نمائش وارا ٺاهيل وڊيو پيغام عام ماڻهو هزارن جي تعداد ۾َ شيئر ڪن ٿا جنهن ڏوهارين جي نه صرف مقبوليت وڌي ٿي پر حوصلا افزائي به ٿئي ٿي.

Bookmark the permalink.