
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 13 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 1419 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صوبي ۾ وائرس سٽيلن جو انگ وڌي هڪ لک 73 هزار 14 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي ۾ 1132، حيدرآباد ۾ 100، شهيد بينظير آباد ۾ 31 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 27 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.