تازا ترين
  • *حڪومت صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ اُميدوار طور نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو -وزيراعظم عمران خان اڄ قوم کي خطاب ڪري رهيو آهي، وزيراعظم طرفان اهم اعلان جا امڪان *صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو: ذريعا*
  • *لاهور: شهباز شريف جي فيملي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت پاران شهبازشريف کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جيل سپرنٽينڊنٽ کي نوٽيس جاري*
  • *حيدرآباد مان دڪاندارن کان ڦرلٽ، ٻن شهرين جون موٽرسائيڪلون چوري *ناج منڊي ۾ ٽن ڦورن جي سرهندي ٽريڊرز تي ڪاهه دڪاندار عبدالحميد ۽ ٻين کي يرغمال بڻايو *ڦورو دڪاندارن کان سوا لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فون ڦر ڪري فرار *هريش ڪمار ۽ آصف قريشي جون موٽرسائيڪلون چوري، جاچ ڪئي پئي وڃي: پوليس*
  • *حيدرآباد: قاسم آباد ۾ هٿياربندن پاران پئٽرول پمپ تان ڦرلٽ، مزاحمت تي چوڪيدار سخت زخمي *هٿياربندن ڦرلٽ دوران مزاحمت تي چوڪيدار ليمن پٽ يوسف شورو کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا: پمپ مالڪ *چوڪيدار تي پراڻي دشمني تان حملو ٿيو، کيس 3 گوليون لڳيون آهن: نسيم نگر پوليس*
  • *رتوديرو: شهداد ڪوٽ روڊ تي ٻوسڻ پيٽرول پمپ ڀرسان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل*
  • *درياءَ خان مري ويجهو باهه لڳڻ سبب چار گهر سڙي رک، 2مينهون ۽4 ٻڪريون به سڙي مري ويون *ڳوٺ خان محمد وڳڻ ۾ باهه سبب رانجهن، پنهل، مجن ۽ امتياز وڳڻ جا گهر سڙي ويا *باهه سبب 2مينهون، 4 ٻڪريون ۽ هڪ گڏهه سڙي مري ويو، کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون: متاثر *
  • *بخشاپور: گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس اٽالن جو ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن *ڊي ايس پي بخشاپور جي اڳواڻي ۾ ٽن ٿاڻن جي پوليس پاران اي پي سي چين سميت سرچ آپريشن *آپريشن دوران ڏوهارين ببي عرف مسڪان بنگوار ۽ سائو بنگوار جون اوطاقون ڊاهيون ويون: پوليس*
  • *نوابشاهه ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ ڊاڪٽر سوها بلوچ کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو *بلوچ برادريءَ جا ماڻهو وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران پهچي ويا، پوليس سان چڪرين دوران 8 ڄڻا زخمي *پوليس سان چڪرين ۾ هڪ اهلڪار، ٻارڙي ۽ ٽن عورتن سميت 8 زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل*
  • *لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڳوٺ ٺارو ديرو واسي 22 سالن جو صدام پٽ سڪندر جکڙ زخمي ٿي پيو *صدام کي سجاد جکر، ذوالفقار جکر ۽ ٻين فائرنگ ڪري زخمي ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: زخمي جو ڀاءُ*
  • *ڏهرڪي جي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندڙ17 شاگرد بخار ۾ وٺجي ويا *ڪاليج انتظاميه شاگردن کي گهر موڪلي هاسٽل کي تالا لڳائي ڇڏيا*

سياسي جماعتن سياست کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان اِن صِف ۾ شامل آهن:شبلي فراز

شايد اپوزيشن کي فارن فنڊنگ ۽ منع ٿيل فنڊنگ ۾ فرق جِي خبر ناهي: سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير

تحريڪ انصاف مافيا سان مقابلي لاءِ پارٽي ۾ “چندو ڪلچر” شروع ڪيو: شبلي فراز

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) سُڌ سماءَ وارَي وزير شبلي فراز چيو آَهي ته سياسي جماعتن سياست کي ڪاروبار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، نون ليگ، پيپلزپارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان اِن صِف ۾ شامل آهن. شبلي فراز چيو ته شايد اپوزيشن کي فارن فنڊنگ ۽ منع ٿيل فنڊنگ ۾ فرق جِي خبر ناهي. وفاقي وزير چيو آهي ته  تحريڪ انصاف مافيا سان مقابلي لاءِ پارٽي ۾ “چندو ڪلچر” شروع ڪيو، پي ٽي آءِ سمورن تصديق ٿيل اڪائونٽس جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

Bookmark the permalink.