
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سينيٽ اليڪشن اوپن بيليٽ ذريعي ڪرائڻ بابت ريفرنس تي وفاقي سرڪار، چئني صوبن جي اي جيز ۽ صوبائي اسيمبليز جي اسپيڪرز کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رُڪني بئنچ طرفان صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل پيش، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته آئين يا قانون ۾ ترميم جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي، سينيٽرز اصل ۾ صوبن جي نمائندگي ڪندا آهن، عدالت هن تضاد ۾ ڇو اچي؟ اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته حڪومت آئين جي آرٽيڪل 226 جي تشريح لاءِ ريفرنس داخل ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته هن ڪيس ۾ عدالتي معاون به مقرر ڪريون ٿا، ريفرنس تي ٻڌڻي 11 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.