تازا ترين
  • *مبارڪپور ۽ ڀرپاسي ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيون، 4ڪلينڪون سيل *صحت کاتي جي ٽيم ارشاد سرڪي جي اڳواڻي ڪارروائي ڪندي4 ڪلينڪون سيل ڪري ڇڏيون *عطائي ڊاڪٽر انسانين جانين سان کيڏي رهيا آهن، کين بخش نه ڪيو ويندو: فوڪل پرسن*
  • *سکر ۾ موبائل جي دڪان مان چوري جي الزام هيٺ 3 ٻارڙا سوگها، پوليس حوالي *2ٻارڙيون ھينڊ فري خريد ڪرڻ آيون، ٻاهر نڪتس ته نينگر رقم کڻي فرار ٿي ويو: دڪاندار *سکر: دڪاندارن پاران پڪڙڻ تي ٻارڙا هٿ ٻڌي روئيندا رهيا *سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسڻ بعد ٽن ٻارڙن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو: دڪاندار*

سيوهڻ ۾ قلندر جي درگاهه بند رکڻ خلاف شهرين جو احتجاج

سيوهڻ(ن پ ا) سيوهڻ ۾ قلندر جي درگاهه کي بند رکڻ خلاف دڪاندارن شهرين ريڙھي وارن پاران جان محمد ابڙو، وليداد بڙدي، محبوب چانڊيو، محسن لاکو، علي نواز بليدي، بشير احمد اوٺو، امجد ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهري چيو ته سڄي ملڪ جو ڪاروبار ايس او پي تحت کوليو ويو آهي ۽ ملڪ اندر ٻيون درگاھون پڻ کوليون ويون آھن پر افسوس ته درگاهه قلندر چئن مهينن کان بند آھي، درگاهه بند هجڻ ڪري اسان جو ڪاروبار مڪمل تباھ ٿي ويو آھي، اسان بک بدحالي سبب تباھ ٿي ويا آٓهيون ۽ اسان جا ٻچا فاقاڪشي تي مجبور آھن. ھنن وزيراعظم پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ايس او پي ثحت قلندر جي درگاھ کولي اسان کي ٻک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

Bookmark the permalink.