سٺ ميل (شوبز نيوز) لاڪ ڊائون سبب شادي هالن، ميلن ملاکڙن ۽ ٻين تقريبن تي پابندي هئڻ سبب سٺ ميل جي فنڪارن فقير معشوق رند فقير گلڻ مڱهڻار فقير وريام مڱڻهار ۽ ٻين راڳ ڳائي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو گذر سفر ميلن ملاکڙن ۽ ڀتن تي آهي گذريل 3 مهينن کان پابندي هجڻ سبب اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون سرڪاري راشن ۾ به اسان کي نظرنداز ڪيو ويو ڪنهن به چونڍيل نمائندي توڙي ثقافت کاتي اسان جي سار ناهي لڌي جنهنڪري اسان ٻچن سميت فاقاڪشي تي مجبور آهيون اسان عيد به ڪونه ڪري سگهنداسين هنن چيو ته سڄو ملڪ کلي ويو آهي سنڌ حڪومت فنڪارن جي مدد نٿي ڪري ته ميلن ملاکڙن تان پابندي ختم ڪري ته اسان روزي ڪري گهر هلائي سگهون هنن سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا اسان فنڪارن جي سار لڌي وڃي ته اسان به ٻچن سميت عيد ڪري سگهون.
- مورو ۾ گٽر اٿلي پيا، شهر ۾ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ، انتظاميا ننڊ ستل
مورو (ن پ ا) مورو ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي ء مين ڊسپوزل مشينون نه ھلائڻ سبب بخاري محلا، ملاح چوڪ سميت ٻين پاڙن جا گٽر…
- بدين ضلعي ۾40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تي قبضا برقرار، پيادل گذرڻ به محال
ٽنڊوباگو (رپورٽ: انور عباسي) ڪوٽڙي بئراج جي ٻن مک ڪئنالن اڪرم واھ ۽ نيو ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ 40 واھن ۽ شاخن جي ڪپرن تان ڪورٽ جي حڪم باوجود قبضا…
- موسمي تبديلي سبب سيارو ڊسمبر بدران جنوري ۾ اچي ٿو: آبادگار بورڊ
مٽياري: آبادگار بورڊ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نديم شاهه ٻڌايو ته موسمي تبديلي سبب سياري جي موسم ۾ ڊسمبر بدران جنوري ۽ فيبروي ۾ اچي ٿي، ڪڻڪ جي پچڻ جي…