تازا ترين
  • *سوڀوديرو پوليس جي ڪارروائي، ٻن قتل ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار *جوابدار ديدار ڀاڳت کي وِيهڙ واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو: پوليس*
  • *صالح پٽ ويجهو ڪارگو جي ٽڪر ۾ راهگير پيرسن فوت، ڊرائيور گرفتار *چونڊنڪو روڊ تي ڳوٺ آرڊي 186 وٽ ڪارگو جي ٽڪر ۾ پيرسن عيدن شنڀاڻي فوت ٿي ويو*
  • *دادو: عدالت طلاق وٺندڙ عورت کي بيان بعد ٻيهر مڙس حوالي ڪري ڇڏيو *مڙس حوالي ڪيل نصرت ملاح جي ماءُ صدوري جو عدالت آڏو احتجاج*
  • *ملير جي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ منشيات جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *عورت سڪينه ۽ ان جي ڊرائيور مولا بخش سميت ٽن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن کي 19 ڊسمبر تي ملير ۾ روڪي چرس هٿ ڪيو ويو هو*
  • *سجاول جوڻيجو پوليس 3سال اڳ اغوا ٿيل عورت کي اڍائي ورهين جي ٻارڙيءَ سميت بازياب ڪرائي ورتو *ڳوٺ بخشيو ساريو ۾ جوابدر ممتاز چانڊيو کي قتل ناري ڳورهاري فهميده کي اغوا ڪري ويا هئا *جوابدارن 3سال اڳ مڙس کي قتل ڪري مونکي اغوا ڪري بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ قيد ڪيو:ناري*
  • *پنوعاقل ڀرسان نينگر ڊاٽسن ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت *گوٺ وريام جتوئي ۾ نينگر علي خان پٽ عمران جتوئي ڊاٽسن ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت *لاش تعلقي اسپتال منتقل، پوليس ڊاٽسن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *نوابشاھه: خيرشاهه ڪالوني واسي 15ورهين جو شاگرد پراسرار نموني گم، گهر ۾ روڄ راڙو متل *نينگر ذوھيب ڏاھري گذريل ڏينهن کان گم آهي، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي: وارث*
  • *پاڪستاني شهري جي اي ميل تي برطانوي پرڏيهي وزارت جو رد عمل *نواز شريف جا قانوني معاملا پاڪستان جي حڪومت سان آهن: برطانوي پرڏيهي وزارت *پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا جو ڪو به معاهدو ناهي: برطانوي پرڏيهي وزارت *برطانيا جي قانون موجب عدالتي اجازت کانسواءِ ڪنهن کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي: ترجمان*
  • *صدرجي ڀٽيون: معصوم مونيڪا لاڙڪ واقعي کي 6 ڏينهن گذري ويا پر قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا *پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي حاصل نه ڪري سگهي، وارثن ۾ روڄ راڙو متل*
  • *ڪراچي ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ، صبح سان ڀاءِ پاس تي ٽريفڪ شديد متاثر *ڪراچي- حيدرآباد باءِ پاس تي ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ شديد متاثر: موٽروي پوليس*

سکر ۽ نوابشاهه پوليس پاران مبينا مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ

سکر/نوابشاهه (نمائندن وٽان) سکر ۽ نوابشاهه پوليس پاران مبينا مقابلن ۾ ٽن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. سکر پوليس موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران مقابلو، ٿيو ۽ جوابي فائرنگ ۾ 2 هٿياربند مارجي ويا. ايس ايس پي عرفان سمون موجب مارجي ويل ڏوهارين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، اڃا تائين سندن سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي. ٻئي طرف نوابشاهه پوليس پوليس جو چوڻ آهي ته درگاهه مٺو فقير وساڻ روڊ تي ڦورن سان مقابلي جي نتيجي ۾  هڪ ڏوهاري سجاول شر مارجي ويو، جڏهن ته سندس 3 ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهاري سجاول فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ زخمي ٿيو، جنهن اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ دم ڏنو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس هٿان مارجي ويل سجاول شر کي پوليس 3 ڏينهن اڳ کنڀي وئي هئي،  کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.