ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران پوليس ٽريننگ سينٽر سعيد آباد ڪراچي جو نالو تبديل ڪري اڳوڻي ڊي آءِ جي شاهد حيات سان منسوب ڪرڻ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، دادو،نوابشاهه، بدين، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، تنگواڻي، وارهه، خيرپورناٿن شاهه، پنوعاقل، شاهپور چاڪر، گمبٽ، پکو، قمبر، ڪنڊيارو، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پ پ ش ڀ پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اڳواڻن چيو ته تاريخ ۾ شهرن، روڊ رستن، عمارتن ۽ اسپتالن جا نالا ملڪ ۽ قوم جي هيروز ۽ اڳواڻن جي نالن سان منسوب ڪيا ويندا هئا. پر هاڻ موجوده پ پ جي حڪومت 1996 ۾ ان وقت جو ايس ايس پي صدر شاهد حيات شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين عاشق جتوئي، يار محمد بلوچ ۽ ٻين جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل آهي اهڙي پوليس آفيسر جو نالو ڪراچي جي سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تي رکڻ سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪرڻ آهي. هنن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو فرزند هو جنهن کي ڪراچي ۾ ان وقت جي ايس ايس پي صدر آفيسر شاهد حيات شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ ان جي ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو. اهڙي پوليس آفيسر جو نالو سنڌ جي قومي ادارن تي رکڻ برداشت نه ڪيو ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته ڪراچي جي سعيد آباد پوليس ٽريننگ سينٽر تان شاهد حيات جو نالو تبديل ڪري ڪنهن به قومي هيرو جو نالو پوليس ٽريننگ سينٽر تي رکيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
- “عطائي ڊاڪٽر هڪ سال تائين لڄ لٽي”: گهوٽڪي ۾ متاثر عورت جون دانهون
گهوٽڪي: (رپورٽر) گهوٽڪي جي عورت ناز پري الزام لڳايو آهي ته مڙس جي غير موجودگي ۾ عطائي ڊاڪٽر محمد مراد لٻاڻو گهراندر داخل ٿي هڪ سال تائين لڄ لٽي. متاثر…
- ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽِڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه جو مفتي عبدالقوي تي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام، حريم شاهه چيو آهي ته مفتي قوي ساڻس غيراخلاقي ڳالهيون ڪندو رهيو آهي،…
- آءِ جِي بلوچستان تبديل: راءِ طاهر نئون آءِ جِي بلوچستان مقرر: نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جِي بلوچستان تبديل، محسن حسن بٽ کي بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل آءِ جِي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي نئون آءِ جِي بلوچستان بڻايو…