تازا ترين
  • *اسلام آباد: چيف جسٽس گلزار احمد سان وفاقي جڊيشل اڪيڊمي ۾ تربيت وٺندڙ پوليس آفيسرن جي ملاقات *چيف جسٽس پوليس آفيسرن کي ڪرمنل جسٽس سسٽم جي حوالي سان آگاهه ڪيو *90سيڪڙو جوابدار ناقص جاچ جي ڪري آزاد ٿي وڃن ٿا: چيف جسٽس گلزار احمد *جاچ ۾ پڪيون شاهديون اهم هونديون آهن: چيف جسٽس پاڪستان *تربيت وٺندڙ آفيسرن مان اميد آهي ته هو جاچ دوران پنهنجو دماغ استعمال ڪندا: چيف جسٽس *
  • *ڪراچي: ڊفينس پوليس جي ڪارروائي، ٽي ٽي پي جا 3دهشتگرد گرفتار *قيوم آباد ڊي ايريا مان تحريڪ طالبان پاڪستان جا 3دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا: پوليس *گرفتار دهشتگردن وٽان 2هيڊ گرنيڊ، هڪ آوان بم ۽ 3پسٽل هٿ ڪيا ويا: پوليس *گرفتار دهشتگردن ۾ روح خان، خير الله ۽ ڪريم الله جان شامل آهن: پوليس *
  • *ڪراچي: پاڪستان بازار ۾ ڪارروائي، پوليس اهلڪار سڏائيندڙ مفرور جوابدار گرفتار: ايس ايس پي ويسٽ *گرفتار ڪيل جوابدار خرم عرف چاند مٿان ڪيس داخل هو، پڇا ڳاڇا لاءِ جاچ آفيسرن حوالي *جوابدار جا ساٿي قيام الدين عرف منٽو، معين عرف معين ڪيبل والا ۽ جاويد شاهه جيل وڃي چڪا آهن*
  • *ملير: قائدآباد ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، عورت سخت زخمي *ملير: فوتي جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

شاهين آفريدي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ناهي، کيس ڊراپ ڪرڻ گهرجي ها: عبدالرحمان

لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان چيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ جي شڪست کي وساري ميدان ۾ لهڻ گهرجي، ٽيم ۾ ڪم بيڪ جي صلاحيت آهي. ٽيسٽ ڪرڪيٽر عبدالرحمان چيو ته ٻي ٽيسٽ لاءِ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪري ڪنهن ٻئي کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ انرجي ليول هاءِ هجي ته پوءِ نتيجو به مختلف ايندو آهي. عبدالرحمان ٽيم سليڪشن تي تنقيد ڪندي چيو ته جنهن رانديگر فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، ان کي ٽيسٽ ۾ موقعو ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته فواد عالم ڊگهي عرصي کان ڊوميسٽڪ ۾ پرفارم ڪري رهيو آهي، عبدالرحمان چيو ته ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ رانديگرن کي ڌيان ڏئي کيڏڻو پوندو.

Bookmark the permalink.