
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار ڏيهه پهچڻ بعد سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون. جونيئر ذوالفقار جي ڪراچي ۾ 70 ڪلفٽن واري رهائشگاهه تي پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب جونيئر ذوالفقار هڪ مهيني کان ڪراچي ۾ ترسيل آهي، جونيئر ذوالفقار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ڪري سنڌ جي موجوده صورتحال سوڌو ٻين معاملن جي آگاهي ورتي.