شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان موٽرسائيڪل سوار نوجوان کوهه ۾ ڪِري فوت ٿي ويو، ڳوٺ مير غلام حسين ٽالپر واسي35ورهين جو لونگ ڪولهي موٽر سائيڪل سميت کوهه ۾ ڪِري پيو، وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو.