
شيخ ڀرڪيو ( ن پ ا) ڳوٺ حاجي هارون خاصخيلي ۾ چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب ڏهن پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. باهه ۾ پورهيتن جو گهر ۾ پيل اناج، بسترا، ڪپڙا اٺ گاڏا ۽ ٻيو سامان الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملو نه پهچي سگهيو. متاثرن وس وارن کان مالي مدد جي اپيل ڪئي.