تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

شڪارپور_سکر روڊ تي تيز رفتار چنگچي رڪشا ڪلٽي: هڪ ڄڻو فوت ٻه سخت زخمي

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور_ سکر روڊ تي ڄامڙا اسٽاپ وٽ تيز رفتار چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ شڪارپور واسي ڪورٽ ملازم اياز علي شيخ فوت ۽ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمي ۽ فوتي جو لاش شڪارپور جي بي آر بي يو ٽي اسپتال منتقل ڪيو. مقتول اياز شيخ جو لاش ضروري ڪارروائين بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. حادثي جي فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.