تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ملز مالڪن جي ڳٺ جوڙ سبب ملڪ ۾ کنڊ جو بحران ٿيو: شگر ڪميشن جي جاچ مڪمل، ذميوارن خلاف ڪارروائي جي سفارش

ڪوڙ ڳالهائي حڪومت کان من پسند فيصلا ڪرايا ويا، جِي ڊبليو گروپ جي ملوث هئڻ جا جوڳا ثبوت مليا آهن: جاچ ڪميشن جي رپورٽ

شگر ملز جو ڳٺ جوڙ 2010 کان جاري آهي، جيڪي ڪريشنگ سيزن ۾ دير جون به ذميوار آهن: کنڊ بحران بابت مسابقتي ڪميشن جي جاچ مڪمل

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) کنڊ بحران بابت مسابقتي ڪميشن انڪوائري مڪمل ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي. جاچ بعد جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته شگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ملز مالڪن جي ڳٺ جوڙ سبب ملڪ ۾ کنڊ جو بحران ٿيو، ڪوڙ ڳالهائي حڪومت کان من پسند فيصلا ڪرايا ويا. ڪميشن رپورٽ ۾ چيو آهي ته جهانگير ترين جَي، جِي ڊبليو گروپ جي ملوث هئڻ جا جوڳا ثبوت مليا آهن، شگر ملز جو ڳٺ جوڙ 2010 کان جاري آهي، جيڪي ڪريشنگ سيزن ۾ دير جون به ذميوار آهن، ملز مافيا حڪومت سان ڪوڙ ڳالهائي ايڪسپورٽ جي نالي تي اربين رپين جي سبسڊي ورتي، ڪميشن پاران ذميوارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.