
ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي لاڏاڻي بابت صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل ٽويٽ هٽائي ڇڏيو. عارف علوي ٽويٽر تي اڳوڻي وزيراعظم مير ظفرالله جمالي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. عارف علوي ٿوري دير بعد ٽويٽ هٽائي چيو ته مير ظفرالله جمالي وينٽيليٽر تي آهي. عارف علوي چيو ته غلط خبر پوڻ تي جاري ڪيل ٽويٽ هٽائي ظفرالله جمالي جي خاندان کان معذرت ڪيان ٿو.