تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

صدر عارف علوي سڀاڻي سموري ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عالمن سان اجلاس ۾ خطاب

سڀاڻي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون: صدر عارف علوي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي سڀاڻي سموري ملڪ ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ دعا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪورونا ايس او پيز جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ عالمن جي اجلاس دوران خطاب ڪندي صدر چيو آهي ته سڀاڻي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ خصوصي دعائون گهريون وينديون، مذهبي عالمن طرفان سياسي جماعتن کي جلسا ۽ جلوس ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي، سياستدان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عمل نٿا ڪن، پنهنجي خطاب ۾ صدر جو چوڻ هو ته مذهبي عالم اجتماعن جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندا.

Bookmark the permalink.