تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

صوبائي وزير امتياز شيخ خلاف الزامن وارو مامرو: سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڌرين کان 16 جون تي جواب طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ الزامن جي جاچ ڪميٽي خلاف داخل درخواست تي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت ڌرين کي 16 جون تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت طرفان جاچ ڪميٽي کي حتمي فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪڻ وارو حڪم برقرار رکيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر چيو ته عدالت آئين کي نظر ۾ رکندي معاملو کي ڏٺو آهي ته اصل معاملو ڪهڙو آهي؟ جنهن سبب اسان ڪميٽي کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو آهي.

Bookmark the permalink.