Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_s9qfcr2bql4vr9baig6vrq4epb, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ضروري ناهي ته ٽي وي يا موبائيل تي ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ مرد ريپ ڪري: آمنا الياس - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ضروري ناهي ته ٽي وي يا موبائيل تي ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ مرد ريپ ڪري: آمنا الياس - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ضروري ناهي ته ٽي وي يا موبائيل تي ڪجهه ڏسڻ کانپوءِ مرد ريپ ڪري: آمنا الياس

سوشل ميڊيا تي ماڻهو اهي تبصرا ڪن ٿا ته اداڪارائون ملڪ ۾ فحاشي پکيڙين ٿيون

پاڪستاني عوام جاهل آهي، جڏهن ٽي وي نه هئي تڏهن به ريپ واقعا ٿيندا هئا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل آمنا الياس رنگ گورو ڪندڙ ڪريمن يا گوري رنگ جي حوالي سان عورتن جي مشهوري خلاف گذريل ڪجهه وقت کان مهم هلائيندي رهي آهي جڏهن ته کيس سماج جي اهم مسئلي تي کليل نموني ڳالهائيندي به ڏٺو ويو آهي. تازو هن هڪ انٽرويو دوران ان تاثر کي رد ڪيو ته اداڪرائون جي بولڊ لباس ۽ عورتن جي بولڊ انداز سان ريپ واقعا وڌن ٿا. آمنا الياس موجب ريپ ڪندڙ مرض ذهني طور تي بيمار هوندا آهن، ضروري ناهي ته هو ٽي وي يا موبائيل فون تي ڪا شئي ڏسڻ کانپوءِ ريپ ڪندا هجن. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هڪ سوال جي جواب ۾ آمنا الياس چيو ته گهڻو ڪري ماڻهو هن سميت اداڪارائن جي سوشل ميڊيا پوسٽس تي تبصرا ڪندا آهن ته هو ملڪ ۾ فحاشي پکيڙڻ سميت ماڻهن کي ريپ ڏانهن راغب ڪري رهيون آهن. آمنا الياس موجب هو اهڙن ڪمينٽس کانپوءِ سوچي ٿي ته اداڪارائون ڪهڙي ريت فحاشي پکيڙي رهيون آهن ۽ پوءِ کيس خيال آيو ته شايد هو جينز، ٽي شرٽ، اسڪرٽ، ساڙهي ۽ ٻيا بولڊ لباس پهرين ٿيون ان لاءِ پر ذهن ۾ سوال اٿي ٿو ته ڇا عورتون اهڙو لباس ريپ ڪرڻ وارن ماڻهن کي مڇرائي ٿو؟ اداڪارا معزرت واري انداز ۾ چيو ته پاڪستاني عوام جاهل آهي، کين اها خبر ناهي ته ريپ ڪرڻ وارو شخص ذهني طور تي بيمار هوندو آهي. اداڪارا دليل ڏنو ته لازمي ناهي ته ريپ ڪرڻ وارا مرد ٽي وي يا موبائيل تي ڪا شئي ڏسي ان تي ڏوهه لاءِ تيار ٿين. هن چيو ته اڄوڪو دور انٽرنيٽ جو دور آهي جيڪڏهن پاڪستاني اداڪارائن کي ڪم کان روڪيو کين گهر ويهاريو پوءِ به ماڻهو بالي ووڊ يا هالي ووڊ جو مواد ڏسندا. آمنا الياس موجب ريپ ته ان وقت به ٿيندو هو جڏهن ٽي وي نه هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته هو ان ڳالهه جي ذميواري نه وٺندي ته کيس کوڙ ماڻهو فالو ڪن ٿا ۽ هو کين خوش رکڻ لاءِ پابندين موجب زندگي گذاري.

Bookmark the permalink.