تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

طاقتور شخص 15 سال هراسان ڪندو رهيو پر ڪنهن کي نه ٻڌايو: عائشه عمر

انڊسٽري ۾ عمر ۾ مون کان ٻيڻو ۽ طاقتور شخص 15 سال هراسان ڪندو رهيو پر چپ رهيس

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا عائشه عمر هڪ ڀيرو ٻيهر جنسي هراساني بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس انڊسٽري ۾ عمر ۾ ٻيڻو طاقتور شخص هراسان ڪندو رهيو ۽ هو 15 ورهين تائين چپ رهي. عائشه عمر اداڪارا ۽ ڊائريڪٽر روز ميڪگوان سان انسٽاگرام تي لائيو سيشن دوران مختلف موضوعن سان گڏوگڏ شوبز انڊسٽري ۾ جنسي هراساني واري موضوع تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب سندس چوڻ هو ته جڏهن مان انڊسٽري ۾ پير رکيا ته ان وقت منهنجي عمر 23 سال هئي ۽ ان وقت منهنجي عمر ۾ ٻيڻي طاقتور ماڻهو مون کي جنسي هراساني جو نشانو بڻايو ۽ اهو سلسلو ورهين تائين هلندو رهيو. اداڪارا ٻڌايو ته اهو رڳو هڪ ڀيرو نه ٿيو، اهو سلسلو ڪيترائي سال هلندو رهيو پر مان ان تي ڪا ڪارروائي ڪرڻ نه چاهي هئي. هن چيو ته ان وقت مون سان جيڪو ٿي رهيو هو مان ان کي جيئن هڪ دٻي ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ٺيڪ آهي اهو منهنجي زندگي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ مون کي ان کي منهن ڏيڻو آهي. عائشه عمر چيو ته 15 سالمان اها ڳالهه ڪنهن کي نه ٻڌائي ڇو ته مان اها ڳالهه ڪنهن سان شيئر نه ڪرڻ چاهيندي هيس،مان ان کي اتي ئي رهڻو ڏنو، ڪنهن کي نه ٻڌايو ۽ نيٺ مان ٻه سال اڳ ان بابت ڳالهايو. اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته هن مون کان پڇيو ته انڊسٽري ۾ جنسي هراساني ٿيندي آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو هو جو مان چيو هو ته ها ائين ٿيندو آهي. عائشه عمر چيو ته هن مون کان پڇيو هو ته ڇا اوهان سان ائين ٿيو آهي ۽ مان چيو ها ۽ مان ان تي ڪنهن ڏينهن ڳالهائيندي پر اڄ نه.

Bookmark the permalink.